ڪمار شاهاڻي

ڪمار شاهاڻي

ڪمار شاهاڻي

ڪمار شاهاڻي: نامور فلمساز ڪمار شاهاڻيءَ 7 ڊسمبر 1940ع تي لاڙڪاڻي شھر ۾ جنم ورتو. ننڍپڻ ۾ ئي ورهاڱي سبب ڀارت لڏي ويو، جتي هن اِبتدائي ۽ ثانوي تعليم کانپوءِ، 1958ع کان 1962ع تائين ’پوليٽيڪل سائنس‘ ۽ ’تاريخ‘ جو اڀياس پڻ ڪيو. اُن کانسواءِ هن ’فلم اينڊ ٽيليويزن اِنسٽيٽيوٽ آف اِنڊياَ ۽ فرانس ۾ پڻ فلمسازيءَ جي اَعلى تعليم حاصل ڪئي. فلمسازيءَ جي تعليم دؤران کيس جڳ مشھور فرينچ فلمساز ’رابرٽ برينسن‘ ۽ اِٽليءَ جي فلمساز ’رابرٽو روسيليني‘ سان گڏ ڪم ڪرڻ جا موقعا مليا. 32 سالن جي عمر ۾، ’1972ع ڌاري فلم ’مايا درپن‘ ۾ هدايتڪاريءَ سان پنھنجي فلمي ڪئريئر جي شروعات ڪئي. ڪمار شاهاڻي ’هندستاني متوازي سئنيما‘ جي بانيڪارن مان هو ۽ لڳاتار سٺ سال هندستان جي فلمي صنعت سان وابسته رهيو. هن ’ڀارتي فلمي صنعت‘ ۾ هڪ اُستاد ۽ سئنيما نظريه نگار جي حيثيت سان هڪ الڳ سڃاڻپ ٺاهي. ڪمار شاهاڻيءَ کي ٻه نياڻين جو اولاد آهي، سندس هڪ ڌيءَ ڊاڪٽر اترا شاهاڻي ’آڪسفورڊ يونيورسٽي‘ ۾ پروفيسر آهي. ڏکڻ ايشيا، ورهاڱي وقت ٿيل لڏپلاڻ، بيٺڪي راڄ ۽ انکانپوءِ جون تبديل ٿيندڙ سرحدون ۽ سنڌي ڊائسپورا ڪميونٽي هن جي تحقيقي ڪم جا موضوع آهن. سندس ٻي ڌيءَ رويتا شاهاڻي آرٽسٽ آهي، جنھن جي فن پارن جون نمائشون عالمي سطح تي ٿي چُڪيون آهن. 24 فيبروري 2024ع تي 83 ورهين جي ڄمار ۾ ڪلڪتي ۾ وفات ڪري ويو.


لفظ ڪمار شاهاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1940.12.07  عيسوي

نامور فلمساز ڪمار شاهاڻيءَ 7 ڊسمبر 1940ع تي لاڙڪاڻي شھر ۾ جنم ورتو.


2024.02.24  عيسوي

ڪمار شاهاڻي 24 فيبروري 2024ع تي 83 ورهين جي ڄمار ۾ ڪلڪتي ۾ وفات ڪري ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيخ محمد فاضل
بولچند سيتائي
خان خانان منعم بيگ
دريا خان کوسو
چولياڻي روپلو
الهبچايو مرڻاس
اخلاق انصاري
ڪمار شاهاڻي
عدنان سميع
خورشيد قائمخاني
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون